اسلام آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بجلي پهچائيندڙ ڪمپنين جي چ??ف ايگزيڪيوٽوز کي پنهنجي شهرن ۾ موجود رهڻ ۽ پنهنجي نالن ۽ نمبرز سان عوام جي سهولت ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ آگاهي مهم هلائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري تان واپس اسلام آباد پهچندي ئي سڄي ملڪ ۾ بجلي، رستن ۽ مواصلاتي نظام بابت ايف ڊ??لي?? او ۽ ٻين ادارن جو نقصانن ۽ بنيادي ڍانچ?? جي بحالي تي جاري ڪم جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاء?? اجلاس طلب ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ايف ڊ??لي?? او ۽ لاڳاپيل وزارتن جا عم??دار شريڪ ٿيا. اجلاس کي تازي صورتحال ۽ جاري بحال?? جي ڪم تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو پيو وڃي.