اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) آل پاڪستان جوڊو چيمپئن شپ اڄ ڇنڇر تي ايوب اسٽيٽڍيم ڪوئٽه ?? شروع ٿيندي. بلوچستان جوڊو ايسوسي ايشن جي سيڪريٽري نور احمد رند ٻڌايو ته چيمپئن شپ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. ايونٽ ۾ جونيئر ۽ سينيئر ڪيٽگري?? جا مقابلا ٿيندا. جنهن ۾ سڀني رجسٽرڊ ڪلبن جا رانديگر حصو وٺندا. ان چيو ته چيمپئن شپ جي پڄاڻي واري تقريب 14 آگسٽ تي ٿيندي. جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ رانديگن ۾ انعام ورهايا ويندا.