اسلام آباد-11 مئي (اي پي پي) موسمياتي تب??يل?? واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان سنڌ ۾ پا??يءَ جي بحران تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ پا??يءَ جي 60 سيڪڙو کوٽ انتهائي خطرناڪ آهي، پا??ي جي بچت ۽ منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻو پو??دو. موسمياتي تب??يل?? واري وزارت مان جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته سنڌ ۾ بئراجن ۽ـ شاخن ۾ پا??يءَ جي 52 کان 62 سيڪڙو کوٽ سبب آبادي، زراعت ۽ چوپائي مال لاءِ پا??يءَ جي شديد کوٽ پيدا ٿي پئي آهي. سنڌو درياهه ۾ پا??يءَ جي کوٽ سبب سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن کي پا??ي نه ملي رهيو آهي. شيري رحمان چيو ته هن وقت ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 15 هزار ڪيوسڪ پا??ي هئڻ گهرجي ها پر 2 هزار ڪيوسڪ کان به گهٽ ڇڏيو پيو وڃي، پا??ي جي ان شديد کوٽ سبب سنڌ ۾ وونئڻن ۽ سارين جا فصل تباهه ٿي رهيا آهن. هن چيو ته هيٽ ويو ۽ شديد گرمي جي ان موسم ۾ سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي علائقن ۾ پا??يءَ جي کوٽ تي ڳڻتي آهي. گڏيل قومن مطابق 2025ع تائين پا??ستان سوڪهڙي جو شڪار ٿي وي??دو. شيري رحمان چيو ته پا??ي جي 1991ع جي معاهدي مطابق منصفاڻي ورڇ ضروري آهي، اسان کي پا??ي جي بچت ۽ صوبن وچ ۾ منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻو پو??دو.