اسلام آباد – 02 – مئي (ا?? پي پي) وز??راعظم شهباز شريف بحرين جي بادشاهه ح??د بن عيسيٰ آل خ??يف?? سان ٽي??يف??ن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم شهباز شريف خوشي جي ان موقعي تي بحرين جي ڀائر عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. وز??راعظم ورجايو ته پاڪستان سلطنت بحرين سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. وز??راعظم ڪورونا عالمي وبا دوران بحرين جي حڪومت پاران اتي رهندڙ پاڪستانين جي سارسنڀال جي لاءِ قدم کڻڻ تي ٿورا مڃيا. وز??راعظم شهباز شريف جي عيد جي مبارڪباد ۽ بحرين جي عوام جي لاءِ خيرسگالي جي خواهشن تي بحرين جي شاهه ح??د بن عيسيٰ آل خ??يف?? عيدالفطر ۽ تازين چونڊن ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي وز??راعظم شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني. بحرين جي پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ پڪو ۽ گهرو ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجائيندي بحرين جي شاهه چيو ته انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هو وز??راعظم سان ويجهي تعاون ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ منتظر آهي.