اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خ??ن اليڪشن ڪميشن ۾ فارن فنڊنگ بابت سوالن جا جواب ڏي، ان کان جيڪو سوال پڇي ان کي گاريون ۽ ڌمڪي ڏني ويندي آهي، عمران خ??ن چاهي ٿو ته سڀ سندس ڪوڙ جي بيعت ڪري وٺن، ڪرپش?? جو حساب نه وٺن، هو مرضي جا سوال ۽ پنهنجي مرضي جا جواب، مرضي جو ميچ، مرضي جو ايمپائر ۽ رانديگر چاهي ٿو جتي ان جي مرضي سان آئوٽ ۽ ناٽ آئوٽ ڏنو وڃي. اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته عمران خ??ن مرضي جو جج، مرضي جو وڪيل ۽ مرضي جو فيصلو چاهي ٿو، هو آئين کي نٿو مڃي نه ئي قانون کي، هو پنهنجو پاڻ کي ئي آئين ۽ قانون سمجهي ٿو. هن ??يو ته عمران خ??ن پاڻ کي ئي عدالت، جج ۽ پوليس سمجهي ٿو، عدالت سوال پڇي ته ان جي توهين ڪرڻ، الزام لڳائڻ ۽ پوءِ سازش جو راڳ آلاپڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي، وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن جي سوالن کان هي اٺ سالن تائين ڀڄندو رهيو ۽ هن الزام لڳائڻ ۽ گهيراءُ جون ڌمڪيون ڏنو، هن ??يو ته ميڊيا جي سوال پڇڻ تي چينل، پروگرام ۽ ڪالم بند ڪيا ويندا رهيا، ڪيس ۽ ڪارا قانون ٺاهيا ويا، صحافين کي جيلن ۾ وڌو ويو، انه?? جو پاسراٽيون ٽوڙيون ويون، جيڪڏهن سياسي مخالف سوال پڇن ته کين موت جي سزا جي ??ڪين ۾ وجهڻ ۽ چار ديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو، هن ??يو ته چئن سالن تائين هر ڪوشش جي باوجود هي ڪنهن هڪ سياسي مخالف جي خلاف هڪ الزام به ثابت نه ڪري سگهيو پر ڪوڙ تي ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو، هن ??يو ته اهڙي ماڻهو کي ذهني مريض چوندا آهن جنهن جي جا??ِ پاگل خانو هوندو آهي.