اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ نائجي??يا گڏيل فائدي جي لاءِ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي دفاع ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي خواهش کي ورجايو آهي. اها ڳالهه ايوان صدر ۾ نائ??ير??ن هٿياربند فوج جي چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل لڪي ايلونوئي اونينيوچيا ايرا بور ۽ صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي جي وچ ۾ ملاقات دوران ٿي. نائجي??يا جي وفد جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان نائجي??يا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ نائجي??يا سان بامعنيٰ دفاعي لاڳاپن جو خواهشمند اهي. هن عالمي دفاعي نمائش ۽ سيمينار ۾ نائجي??يا جي هٿياربند فوج جي نمائندن جي شرڪت کي ساراهيو. صدر ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته جنگجو پاڙيسري ملڪ مسلمانن جي نسل ڪشي ۾ ملوث آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان کي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جو ز??ردست تجربو آهي ۽ هن ملڪ ۾ دهشتگرد عنصرن کي ڪاميابي سان شڪست ڏني. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. جنرل لڪي ايلونوئي اونينياچيا ايرابور ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي ٻنڌڻ کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن صدر کا نائجي??يا جي صدر پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي ڪرڻ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا.