اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مسيحي برادري پاڪستان ۾ تعليم، صحت ۽ دفاع سميت سمورن شعبن ۾ غيرمعمولي خدمتون سرانجام ڏني??ن آهن، مسيحي برادري سميت سمورا غيرمسلمان پاڪستاني اسان جو فخر جوڳو اثاثو ۽ قوت آهن، اسان پنهنجي غيرمسلم پاڪستاني?? جي ترقي، ڀلائي ۽ انهن کي آئيني حق?? جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو عزم رکون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ايسٽر جي تهوار جي موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي ??بارڪباد وارو پيغام ڏيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته مسيحي برادري کي ايسٽر جي خوشي?? جي مبارڪباد ڏيون ٿا ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته حضرت عيسيٰ عه سان والهاڻي محبت ۽ عقيدت مسيحن ۽ مسلمان?? جي وچ ۾ هڪ تمام وڏو گڏيل قدر آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته مسيحي برادري پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي تعمير پاڪستان تائين هر مرحلي تي تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته هن تهوار تي پاڪستا?? جي ترقي، دنيا ۾ امن ۽ محبت جي فروغ، تڪرارن ۽ نفرت?? جي خاتمي جي خصوصي دعا جي اپيل ڪريان ٿو.