اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اسلامي ترق??ات?? بئنڪ (آءِ ڊي بي) گروپ جي صدر ڊاڪٽر محمد الحبير چيو آهي ته افغانستان جي عوام جي امداد لاءِ اسلامي تعاون تنظيم ۽ امداد ڏيندڙ ملڪن ۽ اد??رن کانسواءِ عالمي برادري جي ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت ک?? مبارڪباد ڏيان ٿو. هن اها ڳالهه اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. هن او آءِ سي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ واپاري لنگهن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چ??و ته اسلامي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون کي فر??غ ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. اسلامي ترق??ات?? بئنڪ جي صدر افغانستان جي لاءِ هيومنٽرين ٽرسٽ قائم ڪرڻ جي آجيان ڪئي ۽ چ??و ته اهو افغانستان جي عوام سان او آءِ سي پاران يڪجهتي جو اظهار آهي، ان فنڊ جي آپريشنل ٿيڻ سان افغانستان ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. اسان جي ڪوشش هوندي ته فنڊز جي ذريعي ملندڙ عطين ۽ امداد جو شفاف استعمال يقيني بڻائي سگهجي. هن چ??و ته افغانستان جي عوام جي امداد جو ڪم ڪو اڪيلو ادارو يا ملڪ اڪيلي طور نه ٿو ڪري سگهي، ان ڏس ۾ عالمي برادري کي افغان عوام جي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو، اسلامي ترق??ات?? بئنڪ گذريل ڊسمبر کان مسلسل ٻطرفي ترق??ات?? حصيد??رن ۽ امداد ڏيندڙ ملڪن ۽ اد??رن سان ان ڏس ۾ مشاورت ڪري رهي آهي. هن چ??و ته افغانستان جي لاءِ هيومنٽرين ٽرسٽ فنڊ تحت افغانستان جي ڳوٺاڻن علائقن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو ڇو ته 75 سيڪڙو افغان ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهن ٿا. ڳوٺاڻن ۾ علائقن ۾ زرعي پيداوار ۾ اضافي، ڇوڪرين جي تعليم، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ بجلي ۽ ٻين بنيادي ضرورتن جي فراهمي کي ترجيح ڏني ويندي. اهڙي طرح افغانستان ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امدادي ڪمن ۾ نجي شعبي جي شموليت ک?? يقيني بڻائڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا ويندا. اسلامي ترق??ات?? بئنڪ جي صدر چ??و ته افغانستان جي عوام جي امداد لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن، عالمي امدادي ۽ ترق??ات?? اد??رن ۽ عالمي برادري کي اڳتي وڌڻو پوندو. اسلامي ترق??ات?? بئنڪ سمورن حصيد??رن ۽ عالمي برادري سان گڏجي افغانستان جي عوام جي امداد لاءِ پرعزم آهي. هن افغانستان جي لاءِ هيومنٽرين ٽرسٽ فنڊ ۽ اسلامي ڪانفرنس تنظيم جي وزارتي اجلاس جي ميزباني تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا.