اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئر??ين محمد صادق سنجراڻي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ??ارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ م??جب ملاقات دوران ٻنهي ايوانن ۾ قانونسازي ۽ بين معاملن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئر??ين چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ سٺيون روايتون قائم ڪيون آهن ۽ هڪ ٻئي سان انتظامي سطح تي رابطي کي تمام گهڻي اهميت ڏني وئي آهي. سينيٽ چيئر??ين محمد صادق سنجراڻي چيو ته ٻنهي ايوانن جي وچ ۾ قانونسازي ۽ انتظامي معاملن جي حوالي سان تعاون مثالي رهيو آهي. ٻنهي اڳواڻن اميد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ايوان?? پاران التوا هيٺ پيل قانونسازي کي فوري طور تي مڪمل ڪيو ويندو. ملاقات ۾ سينيٽ جو ڊپٽي چيئر??ين مرزا محمد آفريدي ۽ ٻيا سينيئرز پڻ موجود هئا.