اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ 70 سالا قديم دوستاڻا ويجها لاڳاپا آهن، ايندڙ هفتي چين جي دوري جو منتظر آهيان، چين جي تجربن مان فائدو کڻي رهيا آهيون، وڌيڪ سکڻ جا خواهشمند آهيون، وقت سان گڏ پاڪس??ان ۽ چين جي دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي، عالمي برادري جيڪڏهن افعانس??ان جي عوام کي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڇڏي ڏنو ته اتي بدترين انساني بحران جنم وٺندو، اويغور جي معاملي تي تنقيد ۽ ڪشمير تي ڄاڻي واڻي خاموشي اختيار ڪرڻ اولهه جو ٻٽو معيار آهي. چيني ميڊيا کي انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته آئون پنهنجي وفد سان گڏ ايندڙ هفتي جي پڄاڻي تي چين جي دوري جو منتظر آهيان، چين وڃڻ سدائين خوشي جوڳو رهيو آهي، اسان جا 70 سالا قديم لاڳاپا آهن، پاڪس??ان جي عوام ۽ چين جي عوام جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا آهن، ان لاءِ چين وڃڻ سدائين خوشي جو سبب آهي ۽ آئون چين جي دوري جو منتظر آهيان. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وقت گذرڻ سان گڏ مضبوط تر ٿيا آهن، ان جو بنيادي سبب پاڪس??ان ۾ موجود اهو احساس آهي ته چين سدائين ضرورت جي وقت ۾ اسان سان گڏ بيٺل رهيو آهي، پاڪس??ان جڏهن به ڪنهن مشڪل دور مان گذريو چين سدائين اسان سان گڏ بيٺل رهيو ۽ پاڪس??ان به چين سان گڏ بيٺل رهيو آهي ۽ اسان پاڙيسري آهيون. وزيراعظم چيو ته آئون اسڪول ۾ پڙهندو هئس جڏهن قراقرم هاءِ تعمير ڪئي پئي وئي، اها شاهراهه چين جي حڪومت ۽ پاڪ فوج جي گڏيل تعاون سان تعمير ٿي، اهو هڪ تمام مشڪل منصوبو هو ڇو ته رستو تمام گهڻو ڏکيو هو. ڊگهو جابلو سلسلو هو ۽ مون کي ياد آهي ته ڪيترائي چيني ڪارڪن شاهراهه قراقرم جي تعمير دوران فوت به ٿيا، ان لاءِ اهي لاڳاپا تمام گهرا آهن ۽ وقت گذرڻ سان گڏ اهي وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن ۽ سي پيڪ به ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو ڪري ڇڏيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هي پهريان اولمپڪس آهن نه رڳو سرمائي پر ڪي به جيڪي آئون سڌوسنئون ڏسندس، مون کي ان جو شدت سان انتظار آهي ۽ توهان ڄاڻو ٿا ته آئون هڪ رانديگر رهيو آهيان، پنهنجي زندگي جا اٽڪل 20 سالن آئون هڪ عالمي رانديگر رهيو آهيان، چين جا ماڻهو ڪرڪيٽ نه ٿا کيڏن، مون کي اميد آهي ته جيئن جيئن اسان جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، اسان چين جي ماڻهن کي ڪرڪيٽ کيڏڻ به سيکاري ڇڏينداسين ته جيئن چين به ڪرڪيٽ کيڏندڙ زبردست ٽيم بڻجي وڃي، آئون ان جو منتظر آهيان ڇو ته بطور رانديگر ٻنهي ملڪن جا ويجها لاڳاپا گڏيل لاڳاپن سان گڏوگڏ منهنجي لاءِ انهن راندين کي ڏسڻ تمام گهڻي دلچسپي جو سبب آهي ڇو ته جڏهن کان سياست ۾ آيو آهيان آئون راندين جا ڪي ??ه مقابلا ڏسڻ کان محروم رهيو آهيان. وزيراعظم چيو ته عالمي وبا سان باقي سمورين شين کان کانسواءِ سڄي دنيا ۾ راندين جا مقابلا تمام وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، ان ڏس ۾ چين ۾ سرمائي اولمپڪس منعقد ڪرڻ ساراهه جوڳا آهن. وزيراعظم چيو ته چين جي حوالي سان سڀ ک??ن متاثر ڪندڙ شيءَ جنهن کي هاڻي سڄي دنيا تسليم ڪري ٿي اها چين جو گذريل 35 – 40 سالن دوران 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ آهي، انساني تاريخ ۾ ان کان اڳ ائين ڪڏهن ناهي ٿيو اها ئي شيءَ سڄي دنيا کي چين جي حوالي سان سڀ ک??ن وڌيڪ متاثر ڪري ٿي، ڀلي انهن جا چين سان سٺا لاڳاپا هجن يا اهي ٻئي طرف هجن يعني چين جي مخالفت ڪندا هجن جڏهن ته سڀني کي تسليم ڪرڻو پوي ٿو ته انساني تاريخ ۾ ان کان اڳ ائين ڪڏهن ناهي ٿيو. هن چيو ته جيڪا شيءَ مون کي چين بابت سڀ ک??ن وڌيڪ متاثر ڪري ٿي اها اها ئي حقيقت آهي، ڇو ته منهنجو به بنيادي مقصد اهو ئي آهي ته پاڪس??ان ۾ ڪهڙي طريقي سان ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻو آهي، توهان ڄاڻو ٿا ته جڏهن آئون چين ويس ته مون خاص طور تي انهن قدمن بابت ڄاڻڻ چاهيو جيڪي غربت جي خاتمي لاءِ اتي کنيا ويا، اهو ئي سبب آهي جو آئون سمجهان ٿو ته چين جي ترقياتي ماڊل جي اسان هتي پاڪس??ان ۾ پوئيواري ڪرڻ چاهيون ٿا ڇو ته ان ماڊل جي ذريعي چين سڀني کي واڌاري ۾ حصيدار بڻايو جڏهن چين ۾ واڌورو ٿيو ته چين سان گڏ سڄي آبادي ترقي ڪئي، اهو ائين نه هو جيڪو بدقسمتي آهي جيئن ته باقي دنيا ۾ امير امير تر ٿيندا وڃن ٿا ۽ غريب غريب تر، امير ۽ غريب جي وچ ۾ خال وڌندو وڃي ٿو. هن چيو ته حقيقت ۾ اسان عالمي وبا دوران ڏٺو ته غريب ماڻهو غريب تر ٿيو جڏهن ته امير ترين ماڻهو وڌيڪ امير ٿي ويا، چين انهن سمورن ملڪن جي لاءِ هڪ ماڊل آهي جيڪي سمورن ماڻهن جي ترقي چاهين ٿا. وزيراعظم چيو ته اصل ۾ سي پيڪ جي پهرين مرحلي ۾ رابطا وڌائڻ ۽ توانائي جي پيداوار تي ڌيان ڏنو ويو هاڻي سي پيڪ اڳئين مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي جتي صنعتن کي نئين جاين تي منتقل ڪيو پيو وڃي، اسان پنهنجي خصوصي صنعتي زونز کي ترقي ڏيڻ چاهيون ٿا پوءِ خاص طور تي اسان پنهنجي زرعي شعبي جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ مدد چاهيون ٿا ڇو ته چين ۾ زرعي ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبن ۾ پيداوار جي شرح پاڪس??ان جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي، اسان کي ان سلسلي ۾ ??ه مدد گهربل آهي، ان کانسواءِ چين خشڪ سالي کان محفوظ ڪپهه جا ڪيترائي قسم تيار ڪيا آهن، پاڪس??ان ۾ اسان وٽ اهڙي تمام گهڻي زمين آهي جتي ڪپهه جا اهي قسم پوکي سگهجن ٿا، ان حوالي سان اسان چين کان مدد وٺنداسين، ان کانسواءِ ٽيڪنالاجي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو شعبو به آهي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ انقلاب دنيا جو مستقبل آهي، چين ان ڏس ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي ۽ ان شعبي ۾ به اسان چين کان مدد چاهينداسين. سنڪيانگ ۾ اويغور سان سلوڪ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اويغور سان ٿيندڙ سلوڪ جي حوالي سان اولهه ۾ تمام گهڻي تنقيد ٿي رهي آهي، اسان چين ۾ پنهنجي سفير معين الحق کي اتي موڪليو ۽ هن رپورٽ ڏني آهي ته زميني حقيقتون بلڪل مختلف آهن، پاڪس??ان ۾ اسان جي لاءِ اهو تمام گهڻو مشڪل آهي ته هڪ طرف اهي اويغور جي ڳالهه ڪن ٿا پر اولهه ۾ اهي ڪشمير بابت وڌيڪ ڳالهه نه ٿا ڪن ڇو ته ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي بدترين پائمالي ڪئي وئي آهي ۽ هڪ طريقي سان اولهه ڪشمير تي ڄاڻي واڻي خاموشي اختيار ڪئي آهي جتي اٽڪل 90 لک ماڻهو مشڪل ترين حالتن ۾ 8 لک ڀارتي فوج جي موجودگي ۾ هڪ کليل جيل ۾ رهي رهيا آهن، اولهه جو ٻٽو معيار آهي ۽ اسان جي لاءِ اها هڪ مشڪل صورتحال آهي. افغانس??ان جي صورتحال بابت سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته افغانس??ان 40 سالن کان مشڪل صورتحال ۾ رهيو آهي، ان جو سبب اهو آهي ته 40 سالن تائين ٻاهرئين طاقتن افغانس??ان کي ميدان جنگ بڻائي رکيو ته 40 سالن تائين افغانس??ان جي ماڻهن مشڪلاتون برداشت ڪيون ۽ هاڻي 40 سالن کانپوءِ افغانس??ان ۾ امن قائم ٿيڻ جو موقعو هٿ آيو آهي، هن وقت افغانس??ان ۾ ڪا جنگ نه ٿي رهي آهي ۽ چار ڏهاڪن کانپوءِ ائين ٿي رهيو آهي، انهن حالتن ۾ عالمي برادري کي اهو سمجهڻ گهرجي ته جن ماڻهن 40 سالن تائين مشڪلاتون برداشت ڪيون آهن ۽ هاڻي جڏهن پرڏيهي فوجيون افغانس??ان مان هليون ويون آهن، اهي ان جي نتيجن کان هٽي ڪري افغانس??ان کي ائين ڇڏي نه ٿا سگهن ته افغانس??ان جا ماڻهو اهڙين حالتن ۾ ڪيئن گذارو ڪندا ڇو ته جڏهن 1989ع ۾ سوويت فوجون افغانس??ان کي خدا حافظ چئي ويون ۽ ٻين به اهو ئي ڪيو جنهن کانپوءِ افغانس??ان ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي وئي جنهن ۾ 2 لک افغاني مارجي ويا ۽ ملڪ ۾ هڪ اضطرابي ڪيفيت هئي ۽ ان افراتفري ۾ طالبان جنم ورتو ۽ هاڻي 20 سالن کانپوءِ جيڪڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر سڀ افعانس??ان کي ڇڏي ڏين ٿا ته افغانس??ان جي چار ڪروڙ عوام کي بدترين انساني بحران کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ ان کان وڌيڪ اهو ته جيڪڏهن افغانس??ان ۾ بحران پيدا ٿئي ٿو ته ممڪن آهي ته اهي ئي حالتون پيدا ٿي وڃن جيڪي 20 سال اڳ پيدا ٿيون هيون، جڏهن آمريڪي فوجي افغانس??ان ۾ داخل ٿيا هئا، جيڪڏهن بحران پيدا ٿئي ٿو ته انهي صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو ان لاءِ عالمي برادري کي رڳو اتي چار ڪروڙ انسانن بابت سوچڻ گهرجي، ڀلي انهن کي طالبان حڪومت پسند آهي يا نه، ان ڳالهه جي ثانوي اهميت هجڻ گهرجي، افغانس??ان جي عوام جي ڀلائي پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، انهن کي هن وقت بدترين انساني بحران درپيش آهي ۽ انهن کي جيت??و جلد ممڪن ٿي سگهي امداد جي ضرورت آهي. وزيراعظم چين جي عوام کي نئين قمري سال ۾ مبارڪباد ڏيندي چيو ته منهنجي اميد آهي ته چين سان اسان جا لاڳاپا اهڙا هجن جيڪي ٻنهي ملڪن جي لاءِ گڏيل طور تي فائديمند هجن، اسان پاڪس??ان ۾ معيشت کي بهتر بڻائڻ ۽ ماڻهن جي ڀلائي سان گڏوگڏ انهن کي غربت مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، اسان اڳ ۾ ئي چين جي تجربن مان فائدو کڻي رهيا آهيون هڪ شيءَ جنهن جو آئون ذڪر ڪرڻ وسري ويس اها اها آهي ته اسان چين کان سکڻ چاهيون ٿا ته انهن وڏا وڏا شهر ڪيئن تعمير ڪيا آهن، چين ۾ تمام وڏا وڏا شهر آهن ۽ جهڙي طرح انهن وڏن شهرن جا مسئلا حل ڪيا آهن، منهنجي مراد فضائي آلودگي ۽ ڪچري وغيره کي منهن ڏيڻ بابت آهي، ان حوالي سان اسان انهن کان سکڻ چاهيون ٿا هڪ وڏي شهر ۾ انهن شين جا انتظام ڪرڻ هڪ سائنس آهي، بدقسمتي سان اسان جا شهر وڏي تيزي سان پکڙجي رهيا آهن، پاڪس??ان ۾ شهرن جي ڦهلاءُ جو رجحان سڀ ک??ن وڌيڪ آهي، اسان چين کان اهو به ڄاڻڻ چاهينداسين ته شهري ترقي جي حوالي سان انهن ڪهڙا قدم کنيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته گلگت بلتس??ان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ اسڪيئنگ جي لاءِ موزون علائقا آهن، پاڪس??ان ۾ ان راند تي ڌيان نه ڏنو ويو، گلگت بلتس??ان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ اسڪيئنگ جي راند تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، چين سان گڏجي اسڪيئنگ جي راند تي ڌيان ڏئي سگهجي ٿو.