اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان يونان سان ثقافت، تعليم ۽ سياحت جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ جو ??واهشمند آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو ??ظهار هن يونان جي عهدو ڇڏ??ند?? سفير آندرياس پاپستاورو سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان يونان سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان مختلف شعبن ۾ يونان سان ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو ??واهشمند آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ جي ڪافي صلاحيت موجود آهي. صدر ملاقات ۾ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي قيام لاءِ پاڪستاني ڪوششن جو ??ه ذڪر ڪيو ۽ چيو ته امن ۽ استحڪام سان نه رڳو افغانستان پر خطي جي ٻين ملڪن ۾ به معاشي خوشحالي ايندي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ افغانستان تي او آءِ سي ڪانفرنس جي پرڏيهي وزيرن جو 17 هون غير معمولي اجلاس ڪاميا?? رهيو. او آءِ سي اجلاس سان افغانستان جي جنگ سبب متاثر عوام لاءِ عالمي حمايت ۽ معاشي مدد حاصل ٿي. هن پاڪ – يونان لاڳاپن جي فروغ تي عهدو ڇڏ??ند?? سفير جي خدمتن کي ساراهيو.