اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته هن ملڪ جي نوجوانن کي اڳتي وٺي اچي، پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي کي مرڪزي ڌارا جو حصو بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اهي نوجوان ملڪ جو مثب?? چهرو سامهون آڻيندا، ڪامياب جوان پروگرام جي انعقاد تي سڄي ڪابينا کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اهڙن خيالن جو ??ظه??ر هن وزيراعظم جي نوجوانن واري معاملن واري خصوصي مددگار محمد عثمان ڊار سان گڏ جناح اس??يڊيم ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي کي مين اس??ريم جو حصو بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، فرخ حبيب چيو ته تاريخ جي سڀ کان وڏي ٽئلينٽ هنٽ پروگرام جي انعقاد تي ڪابينا کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام 25 هزار نوجوانن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ ۾ مالي ۽ ٽيڪنيڪي مدد فراهم ڪري رهيو آهي ۽ ڪامياب اس??ورٽس پروگرام جي ذريعي نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن جي ??ظه??ر جو موقعو فراهم ڪيو آهي، هن چيو ته نوجوان ڪامياب ٿيندا ته پاڪستان ڪامياب ٿيندو. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته هن ملڪ جي نوجوانن کي اڳتي وٺي وڃون، اهي ئي نوجوان ملڪ جو مثب?? چهرو سامهون آڻيندا، هن چيو ته هاڪي جي فروغ لاءِ قومي سطح تي پاليسي ٺاهي رهيا آهيون، پاڪستان جي نوجوانن ۾ اس??ورٽس جو جذبو ڏسڻ وٽان آهي، مملڪتي وزير چيو ته اميد آهي ته اهي ئي نوجوان سڀاڻي عالمي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي ڪندا، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو فوڪس آهي ته ملڪي سطح تي اس??ورٽس کي وڌيڪ نظر انداز نه ٿيڻ ڏيون، هن چيو ته نوجوانن جو مستقبل اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. ان موقعي تي وزيراعظم جي نوجوانن واري معاملن واري خصوصي مددگار عثمان ڊار چيو ته 17 سالن کانپوءِ اس??ورٽس ڪامپليڪس جون رونقون واپس آيون آهن، ملڪ جي سڀ کان وڏي ٽئلينٽ هنٽ اس??ورٽس ايونٽ ۾ 13 هزار کان وڌيڪ عورت رانديگر شريڪ آهن، عثمان ڊار چيو ته سڄي ملڪ جي سئو کان وڌيڪ يونيورسٽين حصو ورتو آهي.