لاهور – 27 – نومبر (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??ڌري فواد حسين چيو آهي ته (ن) ليگ عدليه ۽ فوج تي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ منظم مهم هلائي، جعلي وڊيوز ۽ آڊيو سامهون آڻڻ (ن) ليگ جو شيوو بڻجي چڪو آهي، جڏهن به مريم نواز ۽ نواز شريف جا ڪيس آخري مرحلن ۾ پهچن ٿا ته انهن کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، رانا شميم (ن) ليگ جو عهديدار هو، کيس گلگت بلتستان جو چيف جسٽس لڳايو ويو ۽ ان کان مرضي جو بيان حلفي ورتو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ??طل??عات واري وفاقي وزير چ??و ته هلندڙ هفتي سـٺين خبرن جو سلسلو جاري رهيو، عدليه جي خلاف سازش بي نقاب ٿي، جعلي وڊيوز ۽ آڊيو سامهون آڻڻ (ن) ليگ جو شيوو بڻجي چڪو آهي، مريم نواز ۽ نواز شريف جا ڪيس جڏهن آخري مرحلن ۾ پهچن ٿا ته انهن کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، عدليه کي اهڙن معاملن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته اڳوڻا حڪمران 25 کان 30 سالن تائين حڪومت ۾ رهيا ۽ هر شعبي ۾ پنهنجي پسنديده شخص کي لڳايو، رانا شميم (ن) ليگ جو عهديدار هو، کيس گلگت بلتستان جو چيف جسٽس لڳايو ويو ۽ کانئس مرضي جو بيان حلفي ورتو ويو. چوڌري فواد حسين چيو ته مريم نواز جي جعلي ڪيلبري فونٽ کانپوءِ (ن) ليگ جو شيوو بڻجي ويو آهي ته اها جعلي وڊيوز، آڊيوز ۽ پوسٽون تيار ڪري ادارن جي خلاف استعمال ڪري ٿي. هن چيو ته (ن) ليگ عدليه ۽ فوج تي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ منظم مهم هلائي، ان مقصد جي لاءِ ڪجهه صحافين، اينڪرز ۽ پرائيويٽ ٽوئيٽس کي استعمال ڪيو ويو، (ن) ليگ اهڙي قسم جا حربا استعمال ڪندي نواز شريف جي خلاف ڪيسن مان جان ڇڏرائڻ چاهي ٿي. ??طل??عات واري وفاقي وزير چ??و ته انهن ماڻهن ڦرلٽ ذريعي ملڪيتون ٺاهيون، عدالتن ۾ پنهنجي پر??پر??ي ثابت ڪرڻ جي لاءِ انهن وٽ ثبوت نه آهن. ملڪ جي معاشي صورتحال جو ذڪر ڪندي چوري فواد حسين چيو ته پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن ۾ جلد آسانيون پيدا ٿ??نديون، پيٽرول جون عالمي منڊي ۾ قيمتون هيٺ آيون آهن جنهن جو اثر پاڪستان تي به پوندو. هن چيو ته جيڪڏهن اهو رجحان جاري رهيو ته ان جا معيشت تي مثبت اثر پوندا. هن چيو ته 3 ارب ڊالر جي فراهمي تي سعودي عرب جا ٿ??را مڃون ٿا. آءِ ايم ايف جو پروگرام به آخري مرحلن ۾ آهي، کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ به گهٽتائي اچي رهي آهي، مهانگائي ۾ مجموعي طور تي 0.67 سيڪڙو گهٽٽائي آئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ??طل??عات واري وفاقي وزير چ??و ته (ن) ليگ واحد سياسي پارٽي آهي جنهن هر چ??نڊ چوري ڪئي، 1990ع ۾ (ن) ليگ پيپلزپارٽي کان چونڊون چوري ڪيون جنهن تي سپريم ڪورٽ به ٺپو هڻي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي ته انهن ئي ماڻهن سان هٿ ملائي ويٺي آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ ان معاملي تي وڌيڪ متحرڪ آهي. ??طل??عات واري وفاقي وزير چ??و ته مريم نواز کي لڳي ٿو ته جيڪڏهن جعلي وڊيوز انهن جي ڪيسن کي مضبوط ڪن ٿيون ته هوءَ انهن کي عدالت ۾ پيش ڪري.