اسلام آباد -28 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چي?? آهي ته پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ قائم ناتا انتهائي پراڻا آهن. پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ سياسي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، افغانستان هڪ خودمختيار ملڪ آهي جيڪو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ لاءِ بااختيار آهي، اهڙو اظهار هن ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ ڪينيڊا ٻه طرفان ناتن سيمت افغانستان ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي طور غور ويچار ڪيو ويو. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته افغانستان ۾ جٽادار امن خطي جي ترقي ۽ افغا?? شهرين جي خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي. افغا?? شهرين جي انساني بنيادن تي امداد ضروري آهي، غذائي کوٽ پيدا ٿيڻ جي سببن کي ختم ٿيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي شيخ رشيد احمد چي?? ته پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ قائم ناتا انتهائي پراڻا آهن جن کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي. طالبان حڪومت کي هن وقت فنڊن ۽ وسيلن جي گهٽتائي آهي، مالي ۽ انساني وسيلن جي گهٽتائي سان حڪومت هلائڻ طالبان لاءِ هڪ وڏو چئلينج هوندو. هن چي?? ته عالمي برادري طالبان کي وقت ۽ وسيلا ڏئي، اميد آهي ته طالبان پنهنجي واعدن تي مڪمل طور عمل ڪندا. افغانستان مان پرڏيهين ۽ عالمي برادري جي واپسي واري عمل ۾ مدد ۽ معاونت جاري رهندي، ڪ??نيڊا ۾ ترسيل پاڪستاني برادري ٻنهي ملڪن جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان موقعي تي ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر چي?? ته ڪينيڊا جي هاءِ ڪميشن جي درخواست تي افغا?? شهرين جي واپسي تي پاڪستان جا شڪر گذار آهيون. افغانستان مان پرڏيهين ۽ افغا?? شهرين کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ پاڪستان جو ڪردار غيرمعمولي ڪارنامو آهي. هن چي?? ته موجوده حالتن ۾ افغا?? شهرين لاءِ انساني بنيادن تي امداد ڪئي آهي. پاڪستان طرفان 30 لک افغانين جي سار سنڀال ڪرڻ به واکاڻ جو جوڳو عمل آهي. گهرو وزير شيخ رشيد ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر کي يقيني ڏياريو ته پاڪستان ڪينيڊا جي درخواست تي وڌيڪ ماڻهن کي افغانستان مان ڪڍڻ ۾ معاونت فراهم ڪندو.