اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ ??يئ??مين محمد صادق سنجراڻي پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پارلياماني رابطن، واپاري تعاون ۽ ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن جي استحڪام تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي خواب جي تعبير لاءِ ڪوشان آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي مذهبي، ثقافتي ۽ سماجي هڪجهڙائي ٻه طرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ مستحڪم بنياد فراهم ڪري ٿي، سينيٽ ??يئ??مين اهڙن خيالن جو اظهار ايران جي سفير سيد محمد علي حسيني سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. سينيٽ ??يئ??مين چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عالمي سطح تي تعاون واکاڻ جوڳو آهي ۽ پاڪستان ايران سان پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ اسان جي خواهش آهي ته انهن لاڳاپن کي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي سطح تي وڌيڪ مستحڪم ڪيو وڃي. سينيٽ ??يئ??مين چيو ته پاڪستان ۽ ايران سدائين هڪٻئي سان عالمي فورمن تي تعاون ڪيو آهي ۽ مختلف مسئلن تي هڪجهڙو موقف اختيار ڪيو آهي، هن دفاعي سطح تي تعاون کي به مثالي قرار ڏنو آهي، ايران جي سفير سينيٽ ??يئ??مين جي خيالن سان اتفاق ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملاقات ?? مڪران ڊويزن ۽ خاص طور تي گوادر کي ايران پاران بجلي جي فراهمي منقطع ٿيڻ جو معاملو به غور هيٺ آيو. سينيٽ ??يئ??مين ايران جي حڪومت کي گوادر ۽ مڪران ڊويزن جي بجلي بحال ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته بجلي جي بندش سان علائقي جي عوام کي مشڪلاتون درپيش هيون ۽ بحالي سان عوام کي رليف مليو آهي، سينيٽر ڪهده بابر به ان سلسلي ۾ سينيٽ ??يئ??مين ۽ ايران جي سفير جي تعاون جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته سينيٽ ??يئ??مين جي ذاتي ڪوش??ن سان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملي، سينيٽ ??يئ??مين جي متوقع ايران جي دوري جي حوالي سان سفير سينيٽ ??يئ??مين کي دوري جي رخن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. سينيٽ ??يئ??مين چيو ته ايران دوست ملڪ آهي ۽ ايران جو دورو ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.