اسلام آباد – 29 جول??ءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ دفاعي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??هي ته پاڪستان ڏکڻ آفريقا سان واپاري، سيڙپڪاري ۽ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڏکڻ آفريقا جي چيف آف نيشنل ڊفينس فورسز جنرل رڊزيني مفوانايا سان ڳالهائيندي ڪيو ??نهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ??ه پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ دفاعي ميدان ۾ بهترين لاڳاپا آهن جنهن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ??ه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ ??ي ڪافي صلاحيت موجود آهي. پاڪستان پنهنجي ”لڪُ افريقا“ پاليسي تحت ڏکڻ آفريقا سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، هن چيو ??ه ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ل??ءِ فوجي ۽ سياسي سطح تي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت آهي. صدر ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ ل??ءِ پاڪستان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي ۽ ان جي ڪاميابي جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي صدر ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران انساني حقن جي پائمالين تي به روشني وڌي. هن چيوته ڀارت بي گناهه ڪ??مي??ي مسلمانن کي شهيد ڪري انهن جي نسل ڪشي ۽ آبادياتي تناسب تبديل ڪرڻ ل??ءِ غير ڪ??مي??ين کي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ جهڙا قدم کڻي رهيو ??هي، عالمي برادري ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي عوام کي خودمختياري وارو حق ڏيارڻ ل??ءِ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. ان موقعي تي ڏکڻ آفريقا جي چيف آف نيشنل ڊفينس فورسز چيو ??ه پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ بهتر لاڳاپن کي گڏيل مفاد جي ل??ءِ وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ??ه ڏکڻ آفريقا جي چيف آف نيشنل ڊفينس فورسز جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي.