اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام آڻڻ ۽ عوام کي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائڻ ??ڪومت ??ي لاءِ اولين اهميت رکي ٿي، حڪومت ??مورين ڌرين جي مشاورت سان ضروري قدم کڻندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي صدارت ۾ پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ صوبي جي فلور ملز ايسوسيئيشنز جي موجوده ۽ اڳوڻن چيئرمين ۽ نم??ئندن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ ۾ اٽي جي فراهمي ۽ مناسب قيمتن تي دستيابي جي حوالي سان مختلف تجويزون ۽ مستقبل جي لائحه عمل جي حوالي سال معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ناڻي وارو وزير شوڪت فياض ترين، صنعت وارو وزير مخدوم خسرو بختيار، نيشنل فورڊ سيڪيورٽي وارو وزير سيد فخر امام، ڊپٽ?? اسپيڪر قاسم خان سوري، وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ج??يش?? اقبال چيمه ۽ اعليٰ آفيسر به اجلاس ۾ شريڪ هئا. چئني صوبن جا چيف سيڪريٽريز به اجلاس ۾ وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيا. وفد وزيراعظم کي فلور ملز نم??ئندن جي مسئلن جي حل جي حوالي سان ملاقات ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو، وفد ڪڻڪ جي ملڪ ۾ وقت سر فراهمي ۽ عوام الناس کي اٽي جي مناسب قيمتن ۾ دستيابي، ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر کي وڌيڪ آسان بڻائڻ ??ي حوالي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون.