ڪراچي -13 مارچ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ سائنسي تعليم جي اشد ضرورت آهي. اسان جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي نوجوانن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. صدر مملڪت اهڙو اظهار يونيورسٽي جو نئون نالو رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بينٽ هوڊسن يونيورسٽي کي سلي?? حبيب يونيورسٽي جو نالو ڏنو و??و آهي. صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ آن لائين تعليم ??ي وڌيڪ مربوط بنائڻ گهرجي، انفارميشن ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ سان ملڪ ترقي جي راهه ??ي هلندو. هن چيو ته اسان افرادي قوت ٺاهي ورتي ته قومن جي برادري ۾ پاڪستان ٽاپ تي هوندو. هن چيو ته پاڙيسري ملڪ ۾ اقليتن کي ڌار ڪيو پيو وڃي، اسان جي نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه و??لم معاشري جي تقسيم ??ي ختم ڪيو. هن چيو ته سلي?? حبيب يونيورسٽي ۾ ميرٽ کي خاص اهميت حاصل آهي.