اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي فوري ادائيگي جي نظام ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي منصوبي ”راست“ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب افتتاحي تقريب ٿي. تقريب ۾ اهم شخصيتن بشمو?? وفاقي وزير ۽ سيڪريٽريز، ڪارانداز جو سي اي او، بئنڪ?? ۽ ??يلڪوز جا سي اي اوز ۽ ڪيترن ئي ٻين اسٽيڪ هو??ڊر?? جا نمائندا موجود هئا. تقريب جي ميزباني بئنڪ دولت پاڪستان ڪئي. ”راست“ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو هڪ اهم قدم آهي جنهن تحت هن بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن ۽ ڪارانداز پاڪستان جي حصيداري سان پاڪستان جو فوري ادائيگي جو پهريون نظام تيار ڪيو آهي.