اسل??م آباد – 18 نومبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي سان يوڪرائن لاءِ پاڪس??ان جي نامزد سفير ميجر جنرل (ر) نوئيل اسرائيل کوکر ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب صدر عارف علوي نامزد سفير کي يوڪرائن ۾ مقرري تي مبارڪباد ڏني، صدر ڊا??ٽر عارف علوي ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪس??ان يوڪرائن سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏيندو آهي ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو، هن چيو ته اميد آهي ته نامزد سفير يوڪرائن سان پنهنجي ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪندو