اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي ح??ال?? سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جار?? ڪ??ل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 583 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 9 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 31 هزار 168 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 94، پنجاب ۾ 10 هزار 712، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 797، اسلام آباد ۾ 5 هزار 398 ، بل??چس??ان ۾ هڪ ه??ار 274 ، گلگت بلتستان ۾ 444، آزاد ڪشمير ۾ 449 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 ل?? 2 هزار 375 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بل??چس??ان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ ه??ار 912 وينٽيليٽرز ت?? ڪ??وڊ 19 جا 76 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 8 هزار 15 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 ل?? 16 هزار 934 آهي.