اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪووڊ 19 جي وبا گذريل صدر جي د??ران دنيا سميت پاڪستان لاءِ هڪ شديد وبا ثابت ٿي آهي جنهن سان معيشت تي د??اءُ وڌيو ۽ صحت جا مسئلا پيدا ٿيا، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي ح??الي سان پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته صحت جي مسئلن جو حل معيشت کي بند ڪرڻ ناهي هوندو. هن چيو ته هلندڙ سال پهرين ٽه ماهي د??ران آمريڪا ۽ برطانيه سميت ٻين ملڪن جون معيشتون بري طرح متاثر ٿيو پر پاڪستان ڪورونا وائرس جو جهڙي طرح مقابلو ڪيو ان جو اعتراف عالمي سطح تي ڪيو ويو آهي ۽ پاڪستان ان مشڪل جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو آهي، هن چيو ته بل گيٽس به ڪيترن ئي ??وقعن تي ڳالهائڻ دوران پاڪستان ۽ ڀارت جو تجزيو ڪندي پاڪستان جي ڪارڪردگي کي شاندار قرار ڏنو جڏهن ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي چونڊيل صدر به پنهنجي تازي پاڪستانجي د??ري جي موقعي تي ان جو ذڪر ڪي?? ۽ ??يو ته دنيا پاڪستان جي تجربن مان فائدو کڻي، وفاقي وزير چيو ته وال اسٽريٽ جرنل پاڪستان جي باري ۾ عام طور تي سٺيون خبرون ناهي ڏيندو وائرس جي ح??الي سان حڪومت جي قدمن کي ساراهيو ويو.