اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) ڪشميرين سان ??ڪجهتي جي لاءِ عورت پارليامينٽرين جو وفد مظفرآباد روانو ٿي ويو آهي. وفد جي قيادت ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ??عاملن واري پارلياماني سيڪريٽري ثوبيه ڪمال ڪري رهي آهي. وفد مظفرآباد ۾ پناهگير ڪئمپ ۾ ڪشميري خاندانن سان ??لاقات ڪندو، وفد ڪشميرين سان ??ڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي قربانين تي انهن کي سلام پيش ڪندو. رواني ٿيڻ کان اڳ ڳالهائيندي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ??عاملن پارلياماني سيڪريٽري ثوبيه ڪمال چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي گذريل سال جي مذمت جوڳي قدم جي خلاف پوري قوم احتجاج ڪري رهي آهي، ڀارت 70 سال?? کان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون کليل خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي، دنيا کي ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيارڻو پوندو، ڀارت جو?? هندو انتهاپسند فاشسٽ پاليسيون خطي جي امن لاءِ خطرناڪ آهن. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ??عاملن واري وزارت جي سيڪريٽري اعجاز احمد خان ??فد کي روانو ڪيو.