اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان احساس راشن پورٽل، احساس لنگر، پناهه گاهه اي??س ۽ وزيراعظم ڪورونا رليف فنڊ ويب سائيٽ سميت ٻين (ويب سائٽس ۽ اي??س) احساس قدمن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، انهن قدمن جو مقصد ڪوويڊ 19 بابت رليف جي قدمن جي سلسلي ۾ حڪومت ۽ سول سوسائٽي جي بهتر حصيداري ۽ تعاون کي يقيني بڻائڻ آهي، اهي قدم شروع ڪرڻ جو بنيادي مقصد ڊونرز، فلاحي ادارن ۽ سرندي وارن کي سهولت ڏيڻ سان گڏوگڏ بااختيار بڻائڻ آهي ??ه جيئن ڪوويڊ 19 جي صورتحال ۾ اهي ??ڪومت سان وڌيڪ بهتر حصيداري تحت قدم کڻي سگهن. ان حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم ??مر??ن خان چيو ته حڪومت ڪوويڊ 19 کان معاشري جي متاثر طبقن جي مدد ۽ سپورٽ جي لاءِ عطيو ڪيل هر هڪ رپئي جي حوالي سان شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته حڪومت انهن لاڳاپيل اي??س ۽ ويب سائٽس کي لائونچ ڪري شفافيت جي حوالي سان ڊونرز کي اعتماد فراهم ڪري رهي ??هي. نئين لائونچ ڪيل پي اي?? ويب سائٽ بابت هن چيو ته ان تي سمورن فائدو کڻندڙن جي فهرست شايع ڪئي ويندي. هن واضح ڪيو ته احساس پروگرام ۾ به شفافيت کي يقيني بڻايو ويو آهي. وزيراعظم ??مر??ن خان ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ سندس ٽيم جي احساس ڪيش پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ جي حوالي سان ڪوششن کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته پروگرام تحت رقم جي شفاف ۽ موثر پهچ کي يقيني بڻايو ويو آهي.