اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ ننڍي ۽ وچين درجي جي ڪاروبار ۽ زرع?? شعبي جي مدد ڪرڻ جي ضرورت آهي، سرڪار?? شعبي جي ادارن جي سڌارن جو عمل تيز ڪرڻ گهرجي، سبسڊيز ڏيڻ جي عمل تي نظرثاني جي ضرورت آهي، موجوده دور جي ا??تصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مسئلن جي مڪمل حل جي ضرورت آهي، عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن، اڳتي سرڪار?? شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام جي لاءِ ترجيحون ۽ هدف و??ضح هجڻ گهرجن ۽ منصوبا رڳو شروع ڪرڻ بدران انهن کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ اجلاس جي صدارت ڪن??ي ڪيو.