اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان مصر سان ڀائراڻي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، دفاع ۽ ثقافت جي شعبن ۾ رابطن ک?? سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آ??ي، هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ مصر جي سفير احمد فضل محمد يعقوب سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن صدر سان الوداعي ملاقات ڪئي.