ميانوالي – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا جي پهرين فلاحي رياست حضرت محمد صه مديني ۾ ٺاهي هئي جيڪا پوري دنيا ۾ بهترين ماڊل آهي، جن ملڪن به ان??ن اصولن تي عمل ڪ??و ان??ن ترقي ڪئي، زندگي جو مقصد ۽ موت جو جواب ڪا سائنس ناهي ڳولي سگهي پر ان جو جواب مذهب ۾ اسان جي لاءِ نبي صه جي زندگي عملي نمونو آهي، جنون ۽ صلاحي?? جي مقابلي ۾ فتح سدائين جنون جي ٿيندي آهي، مشڪل وقت سدائين سيکارڻ جي لاءِ ايندو آهي جيڪڏهن ??نهنجي غلطين مان سبق سکي وٺون ته اسان ترقي جي رستي تي گامزن ٿي سگهون ٿا. هو نمل يونيورسٽي جي ستين يوم تاسيس جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.