ڪراچي – 20 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته معاشري جي ترقي ۾ استادن جو اهم ڪردار آهي. اها ڳالهه هن بهبود گرلز ڪاليج اينڊ هايئر سيڪنڊري اسڪول جي اهتمام هيٺ بهبود ايسوسيئيشن ڪراچي ۾ منعقد استادن جي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته استادن جي حوصلا افزائي تمام ضروري آهي. خاتون اول چيو ته استاد اسڪول جي ڪرنگهي جي ??ڏي جي حيثيت رکن ٿا ۽ شاگردن جي بهتر مستقبل جي ??اءِ تمام گهڻي محنت ڪن ٿا. ثمينه علوي چيو ته شاگردن جي بهتر تعليم جي ??اءِ انهن جي حوصلا افزائي ڪ??ي وڃي?? تعليم جي ??راهمي اهم آهي، اسان کي تعليم جي ذريعي تبديلي آڻڻ گهرجي، ڇوڪرين ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ هر هڪ جي ذميواري آهي. هن ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. خاتون اول چيو ته ق??م جي حيثيت سان اسان کي گهٽ شرح خواندگي جو چئلينج درپيش آهي، عورتن جي خواندگي جي شرح مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئون ڇاتيءَ جي ڪينسر تي پڻ ڪم ڪري رهي آهيان. خاتون اول چيو ته صدر تعليم تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته 26 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. هن چيو ته اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي ڇو ته باباءِ قوم پڻ ٻارڙين کي تعليم جي ??راهمي جي ڳالهه ڪئي هئي. هن چيو ته اسان جا ماڻهو باصلاحيت آهن?? تعليمي نظام تي نظرثاني ڪ??ي وڃي، اسان کي پنهنجي ??ارن جي ??درن ۽ ڪردارسازي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته بهبود کي خصوصي ماڻهن جي ??اءِ پڻ ڪم ڪرڻ گهرجي.