اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني غزه جي الاهلي پاپسٽ اسپتال تي اس??ائ??لي حملي تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو ??هي ته اها ڳا??هه واضح ??هي ته اس??ائ??ل پاران غزه ۾ اسپتال تي ڪڌو حملو پنهنجي دفاع جو عمل نه آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو حملو عالمي انساني قانونن جي خلاف ورزي اهي، جنهن ۾ معصوم بارن، ع??رت??، ڊاڪٽرن، طبي عملي ۽ پناهه وٺندڙ بي گهر شهرين کي نشانو بڻايو ويو آهي. اها ڳا??هه ذڪر جوڳي ??هي ته نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب جي شهر جده ۾ آهي، جنهن جو مقصد غزه جي بحران ۽ اتان جي محصور شهرين جي انساني صورتحال جو جائزو وٺڻ آهي. هي اجلاس پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي گهرايو آهي. ان کان اڳ نگران پرڏيهي وزير او آءِ سي جي ملڪن جي پنهنجي هم منصبن جنهن ۾ مصر، ايران، ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات جا پرڏيهي وزير شامل آهن سان ٽيليفون تي ڳا??هه ٻو??هه ڪئي هئي.