اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چي?? آهي ته قدرتي آفتن ۽ حادثن کي منهن ڏيڻ لا??ِ لاڳاپيل ادارن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي جديد تربيت جي ضرورت آهي ته جيئن انهن مسئلن کي ڀرپور طريقي سان منهن ڏئي سگهجي. هن اها ڳالهه سرجن جنرل انٽرنيشنل ڪانفرنس ??ي افتتاح کانپوءِ پنهنجي خطاب ۾ چئي، ڪانفرنس جو اهتمام آرمي ميڊيڪل ڪاليج ۽ سرجن جنرل پاڪستان ڪيو هو، صدر چيو ته ڊيزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جهڙن ادارن کي جيتوڻيڪ اهڙي قسم جي صورتحال سان وڌيڪ واسطو پوند?? آهي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي پهرين ذميواري به انهن جي هوندي آهي ان لا??ِ ضروري آهي ته ان سان لاڳاپيل ماڻهن جي تربيت جي لا??ِ تربيتي پروگرام منعقد ڪيا وڃن.