راولپنڊي-04 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان ڪالهه هتي ملائيشيا جي وزي??اع??م انور ابراهيم ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن اسٽريٽجڪ مفادن، علائقائي سلامتي ۽ دفاعي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي ??يف ۽ ملائيشيا جي وزي??اع??م جي ملاقات ۾ پاڪستان، ملائيشيا ٻطرفن لاڳاپن خاص ڪري فوجي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. ملائيشيا جي وزي??اع??م علائقائي امن ۽ استحڪام ۾ پاڪ فوج جي ڪردار ۽ دهشتگردي سان جنگ ۾ به پاڪستاني فوج جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ دهشتگردن خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين جو اعتراف ڪيو. ملائيشيا جي وزي??اع??م آرمي ??يف کي ملائيشيا جي دوري جي دعوت ڏني جنهن تي آرمي ??يف سندس ٿورو مڃيو، جڏهن ته ملاقات ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪ??و ويو ته دوري سان ٻنهي ملڪن ۽ فوج وچ ۾ پائيدار ۽ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي ??يف ايوان صدر ۾ ملائيشيا جي وزي??اع??م جي اعزاز ۾ منعقد تقريب ۾ به شرڪت ڪئي.