اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پا??ست??ن ۾ اکين جي نور کان محروم ڪندڙ بيماري ”ٽريڪوما“ جي خاتمي جي اعلان کي اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته وقت سر علاج ۽ مناسب احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ سان ڪروڙين ماڻهن جون زندگيون بچي ويون، حڪومت، اين جي اوز، ماهرن ۽ ڊبليو ايڇ او سميت سمورن ادارن جي ڪوششن سان اها ڪاميابي حاصل ٿي، اهڙي طرح جي گڏيل ڪوششن سان هر شعبي ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پا??ست??ن کي ٽريڪوما فري ملڪ قرار ڏيڻ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. واضح رهي ته ٽريڪوما هڪ اهڙي بيماري آهي جيڪا ڪليمائڊيا ٽريڪوميٽيس بيڪيٽريم جي انفيڪشن جي ڪري پيدا ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن وقت سر علاج نه ڪيو وڃي ته ان جي نتيجي ۾ مستقل اکين محروم ٿي سگهجي ٿو. صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) پا??ست??ن مان اکين جي نور کان محروم ڪندڙ بيماري ٽريڪوما جي مڪمل خاتمي جو اعلان ڪيو آهي، ڊبليو ايڇ او پاران ٽريڪوما فري ڪنٽري جو خط وزيراعظم جي حوالي ڪيو ويو. پا??ست??ن ان تاريخي سنگل ميل تائين پهچندڙ عالمي سطح تي 19 هون ملڪ بڻجي ويو آهي. وزيراعظم چيو ته ٽريڪوما جي خاتمي جو اعلان پا??ست??ن جي لاءِ خوش آئنده آهي، حڪومت، صحت واري وزارت، صوبائي حڪومتن، اين جي اوز، ماهرن ۽ ڊبليو ايڇ او سميت سمورن ادارن گڏجي ڪوشش ڪئي ۽ ڪاميابي حاصل ٿي. هن چيو ته وقت سر علاج ۽ مناسب احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ سان ڪروڙين ماڻهن جون زندگيون بچي ويون، اميد آهي ته اها بيماري ڪڏهن به ٻيهر ملڪ ۾ نه اڀرندي، احتياطي تدبيرن تي عمل جاري رکڻ گهرجي ۽ ان جي موثر نگراني جاري رکڻ گهرجي. هن چيو ته پوليو جو خاتمو اولين ضرورت آهي، پا??ست??ن ۾ هيپاٽائيٽس جي مريصن جو وڏو انگ آهي، پنجاب ۾ ان جو موثر علاج ڪيو ويو، پنجاب جي وزيراعليٰ جي قيادت ۾ ان حوالي سان پروگرام جاري آهي، اهڙي طرح ٻين صوبن ۾ به ان حوالي سان ڀرپور ڪم ٿي رهيو آهي، وفاقي حڪومت ان حوالي سان هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته ڊبليو ايڇ او جي عزم ۽ ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ۽ ٿورا ادا ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان اهڙي طرح پا??ست??ن کي ٻين شعبن ۾ ڪاميابي سان همڪنار ڪرائي سگهون ٿا، اسان کي پنهنجو پاڻ کي انهن چئلينجز جي لاءِ تيار ڪرڻو پوندو، پنهنجي فني صلاحيتن ۽ مهارتن جي دستيابي يقيني بڻائڻي پوندي، ادارن، آفيسرن، ڊاڪٽر ۽ فيلڊ آفيسرن سميت سڀ گڏجي هڪ جان ٻه دليون ٿي ڪم ڪنداس??ن ته ٽريڪوما وانگر زندگي جي هر شعبي ۾ ڪاميابي ملي سگهي ٿي. وزيراعظم جي قومي صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ چيو ته اڄ صحت جي حوالي سان يادگار ڏينهن آهي، دنيا کي مختلف وبائي مرض درپيش آهن، صحت جي عالمي اداري پاران ٽريڪوما فري پا??ست??ن جي لاءِ قدم وزيراعظم جي ويزن طرف وڏي ڪاميابي آهي، صحت جو عالمي ادارو سڄي دنيا ۾ ڪيترن ئي مرضن جي حوالي سان قدم کڻي رهيو آهي، پا??ست??ن سميت 19 ملڪن کي ٽريڪوما فري بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ٽريڪوما ٽاسڪ فورس جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم چيو ته ڊبليو ايڇ او جو پا??ست??ن مان ٽريڪوما جي خاتمي جو اعلان خوش آئنده آهي، ڌرين جي گڏيل حصيداري سان هزارين ماڻهن کي اکين جي نور کان محروم ٿيڻ کان بچايو ويو، صحت جي عالمي اداري جي رهنمائي ۾ 24 سالن جي محنت کانپوءِ ٽريڪوما جي مرض تي ضابطو آندو ويو. صحت جي عالمي اداري جي نمائندي ۽ پا??ست??ن ۾ ڊبليو ايڇ او جي سربراهه ڊاڪٽر لووداپنگ چيو ته پا??ست??ن ٽريڪوما مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري اهم سنگ ميل حاصل ڪيو آهي، پا??ست??ن ڊبليو ايڇ او جي ٽيڪنيڪي معاونت سان اها ڪاميابي حاصل ٿي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جا صحت جي حوالي سان قدم ساراهه ??وڳا آهن، صحت جي عالمي اداري جي عالمي سطح تي ٽريڪوما تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪاميابيون حاصل ڪيون. ڊبليو ايڇ او موجب ٽريڪوما فري جو سنگ ميل حاصل ڪرڻ جي ڪاميابي عوامي صحت جي لاءِ پا??ست??ن حڪومت جي سياسي وابستگي، ڊبليو ايڇ او جي ٽيڪنيڪي معاونت ۽ صحت جي پيشيو??را??ي ماڻهن، مقامي ڪميونٽيز، ??ول سوسائٽي ۽ ٻين حصيدارن جي ڀرپور حصيداري جي نشاندهي ڪري ٿي، اها ڪاميابي قابل روڪٿام بيمارين ۽ انهن جي خاتمي جي خلاف عالمي جدوجهد ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي.