نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽر?? جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي جارحاڻي ڪاررواين تي پاڪستان جي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار ??من ۽ استحڪام کي يقي??ي بڻائڻ جي لاءِ تڪرار ??ي حل ۽ فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي مهم جي شديد مذمت ۽ غيرمشروط فور?? جنگبندي جو پڻ مطالبو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽر?? جنرل انتونيو گوتريس جي وچ ۾ گڏيل قومن ج?? جنرل اسيمبيل جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽر?? جنرل پاران ”مستقبل جي سربراهي“ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي آجيان ڪئي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان جي نتيجن سان اسرندڙ ملڪن کي پائيدار ??رقياتي هدف (ايس ڊي جيز) ۽ موسمياتي هدفن کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ مالياتي خال ۽ نظام کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. سيڪريٽر?? جنرل کي ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم والاريل واديءَ ۾ ڀارت جي جارحاڻي ڪاررواين تي پاڪستان جي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار ??من ۽ استحڪام کي يقي??ي بڻائڻ جي لاءِ تڪرار کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن سيڪريٽر?? جنرل تي زور ڏنو ته هو ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ۽ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق کي يقي??ي بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي اثر رسوخ جو استعمال ڪري. وزيراعظم فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي مهم جي شديد مذمت ڪئي ۽ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جو مطالبو ڪيو. هن عالمي برادري تي پڻ زور ڏنو ته هو اسرائيل جو احتساب ڪري. وزيراعظم خودمختيار ??ياست فلسطين جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر ۽ سڄي دنيا ۾ مسلمانن جي خلاف امتيازي سلوڪ کي روڪڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن سال 26 – 2025ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ فعال ڪردار ??دا ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سيڪريٽر?? جنرل انتونيو گوتريس گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي فعال شموليت سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي امن مشن ۾ شرڪت ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي قيام جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار ??ي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.