نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سڄي دنيا خاص طور تي يوڪرين ۽ فلسطين ۾ جنگبندي تي زور ڏيندي چيو آ??ي ته جيڪڏهن جنگيون نه روڪيون ويون ته مستقبل اونداهون هوندو، فلسطين ۾ نسل ڪشيءَ تي اسرائيلي قيادت جو احتساب ڪيو وڃي ۽ اسرائيل تي واپار ۽ هٿيارن سميت ٻيون پابنديون لڳائڻ جو وقت اچي ويو آ??ي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل ق??من جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي سلامتي ڪائونسل جي ”ليڊر فار پيس“ جي موضوع تي اعليٰ سطحي مباحثي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اهو مباحثو منعقد ڪرڻ تي سلوانيه کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، وچ اوڀر، يورپ ۽ ڪنهن به جاءِ تي جنگين جو ڦهلاءُ، عالمي طاقتن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ غربت ۾ اضافو ورلڊ آرڊر جي بنيادن جي لاءِ خطرناڪ آهي، اسان ڪجهه ڏينهن اڳ مستقبل جي پيڪٽ کي منظور ڪيو آ??ي، اسان کي پنهنجي واعدن تي عمل ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته جنگين سان م??تقبل اونداهو هوندو. هن چيو ته اسان کي اسرائيل کي غزه ۾ نسل ڪشيءَ ۽ وچ اوڀر ۾ تڪرار جي ڦهلاءُ سان ??وڪڻ گهرجي، اسرائيل تي واپار ۽ هٿيارن سميت ٻيون پابنديون لڳائڻ جو وقت آهي، فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيلي قيادت جي ڏوهن تي ان ??و احتساب ڪيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بيروت تي بمباري انتهائي مذمت جوڳي آهي. هن چيو ته گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل يوڪرين ۾ جنگبندي ۽ پرامن حل جي لاءِ غيرجانبداراڻو منصوبو ٺاهي، ڇڪتاڻ ۾ اضافي جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل پراڻي تڪرار ڄمون ۽ ڪشمير کي وڌيڪ نظرانداز نه ٿي ڪري سگهي، ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي سان ??المي امن ۽ سلامتي کي مستقل خطرا آهن، سلامتي ڪائونسل کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جي وڏي پئماني تي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل ڪيو وڃي. هن چيو ته گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل کي افغانستان ??ان ??اص طور تي فتنه الخوارج جي دهشتگردي جي خطرن جي ٻيهر اڀرڻ جي معاملي کي منهن ڏيڻ تي موثر ڌيان ڏيڻ گهرجي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سلامتي ڪائونسل دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ ۽ غيرملڪي مداخلت روڪڻ جي لاءِ آفريقي ملڪن کي تعاون فراهم ڪري، گڏيل ق??من جي امن م??نز کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي، گڏيل ق??من کي وڏين طاقتن جي وچ ۾ جنگ کان ??چاءُ ۽ خاص طور تي ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي حل لاءِ اعتمادسازي جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، ملڪن جي وچ ۾ مقابلو سٺي ڳالهه آهي پر ان کي تڪرار ۾ تبديل نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل کي طاقت جي غيرقانوني استعمال تي زيرو ٽالرنس جو اعلان ڪرڻ گهرجي ۽ ائٽمي ۽ روايتي هٿيارن جي نئين ڊوڙ کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. نئين هٿيارن ۽ مصنوعي ذه??نت سميت جديد ٽيڪنالاجي تي ڪنٽرول ٿيڻ گهرجي ڇو ته اهي انتهائي خطرناڪ آهن. ٻين ميمبر ملڪن سان ??عاون جي ڏس ۾ هن چيو ته جڏهن پاڪستان ??يندڙ سال سلامتي ڪائونسل ۾ پنهنجي سيٽ سنڀاليندو ته پنهنجي هدفن تي عمل ڪندو.