اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اسان جي عدالتي نظام ۾ سڌارن جي سخت ضرورت آهي، ماڻهن کي ڪيترن ئي سالن تائين انصاف نٿو ملي، سستي انصاف جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻيون آهن، انهن ??ڌارن لاءِ هن ??يوان جون ڪجهه ذميواريون آهن، عدالتن ۾ موڪلن جو قانون انگريز جي دؤر کان هلندو پيو وڃي، جڏهن ??حري جهازن ??ري??ي هو ڊيوٽين تي ايندا هئا ۽ کين پنهنجن ٻارن سان ملڻ لاءِ 8 هفتن جون موڪلون ڏنيون وينديون هيون، حڪومت جڏهن قانون آڻين??ي ته علي الاعلان سان آڻيندي. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ دانيال چوڌري عدالت سڳوريءَ ۾ ججن جو انگ (ترميمي) بل 2024ع پيش ڪرڻ جي اجازت گُهري. هن ٻُڌايو ته هي بل جڏهن ??يو تڏهن ??بادي 16 ڪروڙ هئي، هاڻ 25 ڪروڙ آهي. سپريم ڪورٽ ۾ 34 هزار ڪيس التوا هيٺ آهن. عدالت تي ڪيسن جو بار آهي. گوهر علي خان چ??و ته قاعدن تحت ان تي نجي بل نٿو آڻي سگهجي، ججن جي انگ کي وڌائڻ حڪومت جو اختيار آهي ۽ اهو حڪومتي بل ??ري??ي ممڪن آهي. قانون واري وفاقي وزير چيو ته ججن جي انگن جي حوالي سان بحث ٿيڻ گهرجي. ان تي سينيٽ ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اسان جي آبادي 25 ڪروڙ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ 17 آهي. برطانيه ۾ 6.5 ڪروڙ آبا??ي تي 12 ججن آهن، ججن جي اسپيشلائزيشن به اهم آهي. سينيٽ ۾ اهڙو بل ڪميٽيءَ کي ڏنو آهي، صوبائي حڪومت ڪي پي ڪي طرفان ضم ٿيل ضلعن کانپوءِ ججن جو انگ وڌائڻ جي تجويز آئي هئي، جنهن ??ي اصولي اتفاق ٿي ويو آهي، 10 ججن جو اضافو ٿيڻ گهرجي. ??ن چيو ته فوجداري پروسيجر ۽ قانون شهادت ۾ سڌارن لاءِ 5 مهينن کان ڪم هلي رهيو آهي. ??ن چيو ته هر شيءِ کي تعصب سان نه ڏسڻ گهرجي.