اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي ته موذي مرضن ۾ مبتلا ماڻهو ايندڙ سال حج نه ڪري سگهندا. گذريل ڏينهن وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيا?? موجب سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت ملڪ جي مذهبي معاملن واري وزارت کي حج 2025ع بابت ايڊوائيزري موڪلي آهي جنه?? موجب موذي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو ايندڙ سال حج لاءِ روانو نه ٿي سگهندا. جاري ڪيل حج ايڊوائيزري موجب موسم جي شدت کي نظر ۾ رکندي صرف صحتمند ماڻهن کي حج لاءِ سفر جي اجازت ڏني و??ندي. جڏهن ته گڙدن، دل، ڦڦڙن ۽ ڪينسر جهڙين بيمارين سم??ت ??ين موذي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو ۽ 12 سالن کان گهٽ عمر جا ٻار ۽ ڳورهارين عورتن کي حج لاءِ سفر جي اجازت نه ڏني و??ندي. ترجما?? موجب حج لاءِ گردن ٽوڙ بخار، ڪورونا، موسمياتي انفلوئنزا ۽ پوليو ويڪسين لڳائڻ لازمي هوندي.