ڪوئٽا -26 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي علائقي موسيٰ خيل ۾ هٿياربندن 23 مسافرن کي گا??ين مان لاهي فائرنگ ??ري قتل ??ري ڇڏيو ۽ موقعي تان فرار ٿي ويا. ضلع موسيٰ خيل جي سپ??نٽينڊنٽ پوليس ايوب اچڪزئي موجب واقعو پنجاب بلوچستان جي قومي شاهراهه تي راڙاشم ويجهو پيش آيو. ايس پي شهرين جي مارجڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ان واقعي ۾ 23 ڄڻن کي گا??ين مان لاهي قتل ڪيو ويو. ايس پي موسيٰ خيل ايوب اچڪزئي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته لاشن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ايوب اچڪزئي ٻڌايو ته هٿياربند پنجاب سان تعلق رکندڙ 6 ماڻهن کي مسافر گا??ين مان لاٿو جڏهن ته باقي 17 ڄڻن کي ڪوئلي سان ڀريل ٽرڪن مان لاهي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ پوءِ کين فائرنگ ??ري قتل ??ري ڇڏيو. موسيٰ خيل ۾ جنهن هنڌ هي واقعو پيش آيو ات?? هٿياربندن بي رحماڻي ڪارروائي کان پوءِ 10 کان وڌيڪ گا??ين کي به باهه ڏئي ڇڏي. پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربند شاهراه تي ناڪو لڳائي مسافرن کي بسن ۽ ٽرڪن مان لاهي سڃاڻپ کان پوءِ قتل ??ري ڇڏيو.