اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين جي مسئلي جي منصفاڻي ۽ ??ائ??دار حل جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته فلسطين جي آزاد رياست جو ق??ام ئي ان مسئلي جو ??ائ??دار حل آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار فلسطين جي عهدو ڇڏيند?? سفير احمد جواد عبدالعزيز رابعي س??ن ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم فلسطيني عوام ۽ ان ج?? خودمختياري واري حق جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن 7 آڪٽوبر 2023ع کان جاري غزه ۾ معصوم فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي جارحاڻي ڪاررواين جي شديد مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 40 هزار کان وڌيڪ بيگناهه فلسطيني شهيد ۽ 90 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا. وزيراعظم ٻه رياستي حل جي ذريعي فلسطين جي مسئلي جو منصفاڻو ۽ ??ائ??دار حل ڳولڻ جي ڪوشش جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن ڪيترين ئي قراردادن موجب 1967ع کان اڳ واري س??حدن ۽ المقدس جي گادي واري هنڌ جي طور تي فلسطين جي هڪ آزاد رياست جو ق??ام ئي ان مسئلي جو ??ائ??دار حل آهي. احمد جواد عبدالعزيز رابعي پنهنجي 5 سالا مقرري واري دور ۾ پاڪستان پاران بهترين مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن فلسطين جي مسئلي تي پاڪستان جي تاريخي ۽ ٺوس موقف ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار کي س??راهيو. احمد جواد عبدالعزيز رابعي فلسطيني شاگردن کي پاڪستان ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ وظيفن جي آڇ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا.