اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چي?? آهي ته پاڪست??ن کي ٻيهر معاشي قوت بڻائڻ اسان جو هدف آهي، نوجوان تعليم، هنرمندي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا، پاڪستان جا نوجوان بي پناهه صلاحيتن سان مالامال آهن، ملڪ جي نوجوانن ۾ مثبت تبديلي جو سبب بڻجڻ جي اهليت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چي?? ته تعليم هر ٻار ۽ نوجوان جو حق آهي، تعليم سان ملڪ جو مستقبل روشن ٿيندو. نائب وزيراعظم چي?? ته سڀني ٻارن کي چوندس ته سکڻ جي عمل کي سدائين جاري رکن. تخليق ۽ تعليم جي امتياز کي اختيار ڪري ترقي جا نوان رستا ڳولين. هن چي?? ته اتحاد ۾ اسان جو مستقبل آهي، نفرت کي دفن ڪري ڇڏڻ گهرجي. نائب وزيراعظم چي?? ته بلوچستان جي دوري دوران ٻڌايو ويو ته ڪجهه بلوچ ناراض آهن، آئون چوان ٿو ته ڪو به پنهنجي ڌرتي ماءُ کان ناراض نه ٿو ٿي سگهي، پنهنجي مسئلن جو حل گڏجي ڳولين. جيتوڻيڪ ناراضگي جي نالي تي دهشتگردي جي ڪا به گنجائش نه آهي. محمد اسحاق ڊار چي?? ته نوجوان نسل محنت کي پنهنجي ترجيح بڻائين، حڪومت نوجوانن کي ڪيتريون ئي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل جي قيام جو مقصد نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ به آهي. نوجوان تعليم، هنرمندي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا. هن چي?? ته ترقي ۽ خوشحالي جي عهد ۾ نوجوان حصيدار آهن. نائب وزيراعظم چي?? ته 1998ع ۾ پاڪستان ائٽمي قوت بڻيو، اسان پنهنجي دفاع تي ڪڏهن به ٺاهه ناهي ڪيو. قومي مفاد اسان جي سڀ کان پهرين ترجيح آهي. هن چي?? ته اس??ن کي بي پناهه چئلينجز درپيش آهن، پاڪستان جو مستقبل اڄ جي نوجوانن جي هٿ ۾ آهي. 2013ع جي حڪومت ۾ پاڪست??ن کي ڪٿ??ن کان ڪٿي پهچايو، ان وقت پاڪستان بابت ڊيفالٽ جو چي?? ويو پر پاڪستان دنيا جي اڀرندڙ معيشت بڻيو. محمد اسحاق ڊار چي?? ته پي ڊي ايم حڪومت پاڪست??ن کي بچائڻ جي لاءِ هئي، اسان جا دشمن چاهين ٿا ته پاڪست??ن کي معاشي طور تي ختم ڪيو وڃي. هن چي?? ته پاڪست??ن کي ٻيهر معاشي قوت بڻائڻ اسان جو هدف آهي.