اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي 5 وفاقي وزارتن ۾ سڌارن جي لاءِ ??فا??شون پيش ڪيون ويون، هڪ لک 50 هزار جي لڳ ڀڳ خالي ??ايون ختم ڪرڻ ۽ هنگامي بني??دن تي ڀرتين تي مڪمل پابندي هڻڻ جي ??فا??ش ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت ۽ سرحدي معاملن واري وزارت کي ضم ڪرڻ ۽ 5 وزارتن ۾ 28 ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ، نجڪاري ۽ ٻين وزارتن/ وفاقي اڪائين کي منتقل ڪرڻ ۽ 12 ادارن کي ضم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ حڪومتي ڍانچي جي ماپي ۽ خرچن ۾ گهٽتائي جي حوالي ??ان اهم اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزا فاطمه، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي قومي صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد ڀرٿ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي اسان جي ترجيح آهي. هن چيو ته حڪومت جي اداراجاتي سڌارن جو مقصد قومي خزاني تي بار کي گهٽ ڪرڻ ۽ عوام کي فراهم ڪئي ويندڙ سروسز ۾ بهتري آڻڻ آهي. هن هدايت ڪئي ته اهڙا ادارا جن پبلڪ سروس جي حوالي ??ان ڪا خاطرخواهه ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري ۽ قومي خزاني تي بار آهن انهن کي يا ته فوري طور تي ختم ڪيو وڃي يا پوءِ انهن جي فوري نجڪاري جي لاءِ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته ننڍي ۽ وچولي ??رجي جي ڪاروبار جي حوصلا افزائي ڪندڙ اداري سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي پاڻ نگراني ڪندس. هن سميڊا کي وزيراعظم آفيس تحت آڻڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ جي حوالي ??ان ناڻي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ٺاهيل ڪميٽي تجويزون پيش ڪيون. ڪميٽي هڪ لک 50 هزار جي لڳ ڀڳ خالي ??ايون ختم ڪرڻ، نان – ڪور سروسز ۽ عام نوعيت جي ڪمن مثال طور صفائي ۽ جينيٽورئل سروسز کي آئوٽ سورس ڪرڻ جي ??فا??ش ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ گريڊ 1 کان 16 تائين جون ڪيتريون ئي جايون ترتيبوار ختم ڪري سگهبيون. ڪميٽي هنگامي بني??دن تي ڀرتين تي مڪمل پابندي هڻڻ جي ۽ وزارتن جي ڪيش بيلنسز تي ناڻي واري وزارت جي نگراني جي ??فا??ش پڻ ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ جي حوالي ??ان ناڻي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ٺاهيل ڪميٽي تجويزون پيش ڪيون. ڪميٽي ??فا??ش ڪئي ته ناڻي واري وزارت ٻين وفاقي وزارتن جي ڪيش بيلنسز جي نگراني ڪري، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت، سرحدي معاملن واري وزارت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ۽ قومي صحت واري وزارت ۾ سڌارن جي حوالي ??ان تفصيلي ??ريفنگ ڏني وئي. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت ۽ سرحدي معاملن واري وزارت کي ضم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. سڀ کان پهرين 5 وزارت ۾ 28 ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ، نجڪاري ۽ ٻين وزارتن/ وفاقي اڪائين کي منتقل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. انهن 5 وزارتن ۾ 12 ادارن کي ضم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن تجويز ڪيل سڌارن جي منظوري وفاقي ڪابينا کان ورتي وڃي. هن انهن سڌارن کي لاڳو ڪرڻ جو ٺوس پلان پڻ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.