اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پر??يه?? سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي جي دعوت تي اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جو عهدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي. اها ڳالهه پر??يه?? آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته اقتصادي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل وزي??اع??م، نائب وزي??اع??م ۽ پر??يه?? وزير ۽ واپار واري وزير سان ملاقاتن ۾ پنهنجي دور ۾ کنيل قدمن ۽ سرگرمين سان گڏوگڏ تنظيم جي بحالي جي لاءِ پنهنجي سڌاراجاتي ايجنڊا بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. سيڪريٽري جنرل نوزيري 24 کان 26 جولاءِ تائين پنهنجي پاڪستان جي ال??داعي دوري تي آهي، هو ايندڙ مهيني پنهنجو مدو پورو ڪري رهيو آهي. ترجمان چيو ته ايندڙ مهيني کان پاڪستان جو اڳوڻو پر??يه?? سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ٽن سالن جي مدي لاءِ اي سي او جي سيڪريٽري جنرل جو عهدو سنڀاليندو، سندس مقرري جي وزيرن واري ڪائونسل من??وري ڏني آهي ۽ ان جو نوٽيفڪيشن هن سال مئي ۾ جاري ڪيو ويو هو.