اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپ??سن سينيٽر روبينه خالد بي آءِ ايس پ?? جي حقدار عو??تن ۽ سندن ڪٽنبن لاءِ عالمي معيار موجب هنرمنداڻو تربيتي پروگرام متعارف ڪرائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. انساني ۽ سماجي ترق?? جي ڊاڪٽر صوفيه شڪيل جي سربراهي ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي هڪ وفد سان ملاقات دوران سينيٽر روبينه خالد ان ڳالهه تي زور ڀريو ته انهن قدمن جو مقصد حقدار خاندانن جي غربت ختم ڪ??ڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ آهي، هو فعال شهر?? جي حيثيت سان قومي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن. ڪالهه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي هيڊڪوارٽر ۾ ٿيل ملاقات ۾ اي ڊي بي طرفان شن لونگ کي مشن ليڊر/پرنسپل سوشل پروٽيڪشن اسپيشلسٽ ۽ عمر بن ضيا سينئر سوشل پروٽيڪشن آفيسر به موجود هئا. سينيٽر روبينه خالد انساني وسيلن جي ترق?? جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته پرڏيهي ملڪن ۾ ضرورت وارا ڪورسز جهڙوڪ هيلٿ ڪيئر ۽ مهمانواز?? جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته حقدارن کي انهن مها??تن سان همڪنار ڪرڻ سان کين پرڏيهه ۾ رو??گا?? جا بهتر موقعا ملي سگهندا جنهن سان انهن جي معاشي حالتن ۾ بهتري ايندي. صوفيه شڪيل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي متحرڪ ۽ اداره جاتي ميڪنزم جي واکاڻ ڪندي اسڪل ڊولپمينٽ جي اهميت کي تسليم ڪيو. هن سپلائي سائيڊ تي مدد لاءِ اي ڊي ب?? جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ خاص ڪري صوبائي سطح تي تعليم، صحت ۽ غذائيت جي حوالي سان بي آءِ ايس پي سان تعاون وڌائڻ جي اميد ظاهر ڪئي.