بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ??تا?? کي پاڻڀرائپ جي منزل سان همڪنار ڪرڻ ۽ ترقي جي لاءِ چين جي ماڊل مان فائدو کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪ??تا?? معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، بدعنواني جي خاتمي، بنيادي ڍانچي ۾ تبديلي ۽ روانگي واپار جي فروغ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، وقت اچي ويو آهي ته پاڪ??تا?? ۽ چين جي حصيداري کي معاشي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ لاڀائتو بڻايون، سي پيڪ ۽ ٻين منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيجنگ ۾ پاڪ چائنا فرينڊشپ اينڊ بزنس ريسيپشن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪ چائنا فرينڊشپ اينڊ بزنس ريسيپشن جي تقريب کي خطاب منهنجي لاءِ اعزاز آهي، پاڪ??تا?? ۽ چين جي غيرمشروط دوستي جو ڊگهو سفر گڏيل اعتماد ۽ احترام جي رستن تي قائم آهي، اها پائيدار دوستي سرحدن کان ٻاهر هاڻي خلائن ۾ پهچي چڪي آهي، چين جي ??هٽ عرصي ۾ تيز رفتار ترقي اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، پاڪ??تا?? 24 ڪروڙ آبادي جو ملڪ آهي، پاڪ??تا?? جا سعودي عرب، يو اي اي، ڪويت، ايران، افغان??تا?? ۽ ٻين نار ملڪن سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن پر پاڪ??تا?? ۽ چين جي وچ ۾ دوستي ۽ ڀائيچاري جو دنيا ۾ ڪٿي به مثال نه ٿو ملي، اها دوستي ذاتي مفاد جي لاءِ نه آهي، چين ٻوڏ، زلزلن ۽ ٻين قدرتي آفتن سميت هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪ??تا?? جو ساٿ ڏنو آهي، اها نه ختم ٿيندڙ دوستي ۽ تعلق آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? ۽ چين جي دوستي بي لوث ۽ هر آزمائش تي پوري لٿي آهي. وزيراعظم چيو ته هن 1981ع ۾ پهريون ڀيرو چين جو دورو ڪيو هو ۽ چين جي تعليم، صحت، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ ترقي جو مشاهدو ڪيو هو، چين مختصر عرصي ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪيون آهن، هن عظيم ملڪ بڻجڻ جي لاءِ دنيا جي سامهون هڪ مثال قائم ڪيو ۽ صنعتن ۽ زراعت جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ??ي استعمال ۾ آندو ۽ ان ترقي جو مشاهدو اسان اڄ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اڄ 2024ع ۾ چين دنيا جي ٻي وڏي معاشي ۽ فوجي طاقت بڻجي ??ڪو آهي، پاڪ??تا?? چين جي تجربن مان فائدو کڻي رهيو آهي، چين جي پيداواري صلاحيت سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، چين ۾ سينٽرلائزڊ پلاننگ سسٽم آهي، چين جي مثالي ترقي اڻٿڪ محنت ۽ ڪم سان لگن جي ??ري آهي، چين کانسواءِ دنيا اڄ هڪ قدم به اڳتي نه ٿي وڌي سگهي، اڄ چين جو واپار کربين ڊالر ۾ آهي. چين انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت سميت هر شعبي ۾ ڀرپور ترقي ??ئي آهي، چين دنيا جي ٻي بهترين ۽ مضبوط معيشت آهي، چين ۽ پاڪ??تا?? جي اڄ جي هي تقريب هڪ خانداني ميڙ آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان چين جي اڻٿڪ محنت ۽ لگن مان سکون ۽ چين جي ماڊل تي عمل پيرا ٿيون ته پاڪ??تا?? به دنيا ۾ چيني ڀائرن وانگر وڏو مقام حاصل ڪري سگهي ٿو، چين پنهنجي نوجوانن، صحت ۽ تعليم تي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، پاڪ??تا?? کي ڪاروبار دوست ملڪ بڻائڻ اسان جي ترجيح آهي، پاڪ??تا?? جي پاڻڀرائپ جي منزل سان همڪنار ڪرڻ جي لاءِ سموريون توانائيون استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، وقت اچي ويو آهي ته پاڪ??تا?? ۽ چين جي حصيداري کي معاشي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ نتيجاخيز بڻايون، بدعنواني جي خاتمي، بنيادي ڍانچي ۾ تبديلي ۽ روانگي واپار جي فروغ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته چين جي صدر شي جن پنگ نه رڳو چين جي عوام پر پوري دنيا کي ترقي جو رستو ڏيکاريو آهي، شي جن پنگ هڪ ويزنري اڳواڻ آهي جنهن تڪرارن ۽ جنگين کان هٽي ڪري سخت محنت جي ذريعي اڳتي وڌڻ جو مثال قائم ڪيو آهي، سي پيڪ ۽ بي آر آءِ ان ترقي جو مثال آهي، چيني مصنوعات جي اڄ سڄي دنيا ۾ طلب آهي، چين جي ترقي جي ماڊل تي عمل ڪري پاڪ??تا?? کي نه رڳو خطي پر دنيا ۾ هڪ عظيم ملڪ بڻائينداسين ۽ پاڪ??تا?? هڪ اهڙو باغ بڻجندو جنهن جي خوشبو پوري ملڪ ۾ پکڙجندي، ترقي ??انسواءِ دنيا ۾ عزت ڪمائڻ جو ڪو رستو نه آهي. وزيراعظم چيو ته اپريل ۾ بشام ۾ چيني ورڪرز تي حملي جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو جنهن ۾ ٽي ٽي پي جي دهشتگردن جي ??ارروائي ۾ 5 چيني ڀاءُ ماريا ويا، ان واقعي پوري پاڪ??تا?? کي لوڏي ڇڏيو، اسان ان واقعي جي پـٺيان ناپاڪ ارادن کي سمجهي سگهون ٿا، ان جي منصوبابندي پاڪ چين دوستي ۽ سي پيڪ جي دشمنن ڪئي، ان بزدلاڻي حملي جي شديد مذمت ڪريون ٿا ۽ حملي ۾ مارجي ويل چيني شهرين جي پونئيرن سان تعزيت ڪريون ٿا، پاڪ??تا?? ۾ چيني شهرين جي سلامتي پنهنجي ??ينرن ڀائرن وانگر عزيز آهي، سي پيڪ ۽ ٻين منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويندو.