شينزن – 05 – جون (اي پي پي) ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ نجي شع??ي جي حوصلا افزائي جي لاءِ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت بزنس ڪانفرنس شينزن منعقد ڪئي وئي. شينزن ۾ پاڪستان چين بزنس ڪانفرنس جي موقعي تي ٻنهي ملڪن جي نجي شع??ي جي وچ ۾ بزنس ٽو بزن?? گڏجاڻيون ٿيون، پاڪستان حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي فروغ جي لاءِ هڪ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو. بزنس ڪانفرنس ۾ هڪ ئي ڇت جي هيٺ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين کي هڪ اهڙو ماحول فراهم ڪيو ويو جو اهي پنهنجي دلچسپي جي شعبن ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪري سگهن. پاڪستان مان 120 ڪمپنين جي ڪانفرنس ۾ شرڪت جڏهن ته چين جي 500 کان وڌيڪ ڪمپنين ۽ ناليواري ڪاروباري شخصيتن جي پاڪستاني ڪمپنين سان بزنس ٽو بزن?? گڏجاڻيون ٿيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ و??جه?? دوستاڻي لاڳاپن ۽ هڪ ٻئي سان ڪاروبار ڪرڻ جي ??زم جو اظهار آهي. معدنيات سولر پينلز جي مينوفيڪچرنگ اليڪٽرانڪس پيٽرو ڪيميڪلز اسٽيل موبائيل فون جي مينوفيڪچرنگ ٽيڪسٽائيل چمڙي جي صنعت، سرجيڪل اوزارن،زراعت، اليڪٽرانڪ گاڏين، ڀاڻ ۽ آءِ سي ٽي سميت 13 شعبن ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ جو جائزو ورتو.