اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ايران جي سفارتخاني جو دورو ڪيو جتي هن ايران ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير ۽ ٻين جي ش??اد?? تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وقتي صدر جو ايراني صدر جي ش??اد?? تي پاڪستاني حڪومت ۽ ع??ام پاران گهري ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پوري قوم ايراني صدر جي ش??اد?? تي ڏکويل آهي، ايراني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، ايراني صدر جي ش??اد?? اسلامي دنيا جي لاءِ هڪ عظيم نقصان آهي، صدر ابراهيم رئيسي هڪ نيڪ انسان، عالم ۽ پاڪستان جو عظيم دوست هو، صدر ابراهيم رئيسي جي ش??اد?? سان مسلمان امت هڪ عظيم اڳواڻ کان محروم ٿيو ئي آهي. وقتي صدر پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا اميري مغدم سان پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ ادبي رابطي تي ٻڌل بهترين لا??اپا آهن، ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ عوامي رابطا ۽ پارلياماني مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ بهترين لا??اپا آهن، پاڪستان سان لا??اپن جو فروغ ايران جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي جز آهي، ايران جي سپريم ليڊر پاڪستان سان لا??اپن جي فروغ تي خصوصي زور ڏنو. هن چيو ته مرحوم صدر رئيسي جو پاڪستان جو تازو دورو ان ڏس ۾ هو. ايراني سفير تعزيتي پيغامن، ايراني عوام جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ تي پاڪستاني عو??م ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيا. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ايراني سفارتخاني ۾ مهمانن جي ڪتاب ۾ تعزيتي تاثر پڻ لکيا.