اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ٽيليفون ڪئي ۽ پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. ٻنهي صدرن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ب??ائ?? جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پاڪستان ڀائر ملڪ تاجڪستان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر ب??ائ?? جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. صدر پاڻي وسيلن جي اهم شعبي ۾ تاجڪستان سان ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري رمضان المبارڪ جو ب??ڪت?? وارو ??هينو شروع ٿيڻ تي ??اجڪ صدر کي مبارڪباد ڏني. هن تاجڪ صدر کي نوروز جي آمد تي پڻ مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي ??اجڪستان جي صدر امام علي رحمان صدر آصف علي زرداري کي تاجڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. صدر مبارڪباد جي پيغام ۽ نيڪ خواهشن جي اظهار تي پنهنجي تاجڪ هم منصب جا ٿورا مڃيا.