اسلام آباد -10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف، رمضان پئڪيج جو ڳاڻيٽو ساڍا 7 ارب رپين مان وڌائي ساڍا 12 ارب رپيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم رمضان رليف پئڪيج جو ڳاڻيٽو وڌائڻ کان علاوه ان جو دائرو به وسيع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. يوٽيليٽي اسٽورز ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان گڏوگڏ موبائيل يونٽس به سستي ??گهه تي کاڌي پيتي ??ون شيون ??را??م ڪندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وڌ کان وڌ غريب، مسڪين ۽ حقدار ماڻهن تائين رمضان رليف پئڪيج پهچايو وڃي، شروعاتي ??ور 1200 موبائيل پوائنٽس ۽ 300 مستقل پئڪيج رليف مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن. پهرين رمضان کان رمضان جي پڄاڻي تائين رليف پئڪيج تحت عام بازار کان گهٽ قيمت تي ??يون ??را??م ڪيون وينديون.طئي ڪيل هنڌن کان علاوه ٽرڪون مختلف علائقن ۾ غريب عوام کي سستيون شيون پهچائينديون. هنڌ جو تعين جديد ٽيڪنالاجي جي پي ايس جي مدد سان ڪيو وي??دو. موبائيل ايپ جي استعمال جي رهنمائي لاءِ خصوصي ويڊيو جاري ڪيا ويندا. ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي مدد سان هلندڙ ڊيش بورڊ تيار ڪيو پيو وڃي ته جيئن موبائيل اٽي جي وڪري جي نگراني ٿي سگهي. موبائيل يونٽس جي هڪ ٻئي هنڌ تي منتقلي دوران اٽي جي ??را??مي جو عمل جاري رکيو ويندو موبائيل ۽ لائيو فوٽيج سان اٽي جي ورهاست جي مسلسل نگراني ڪئي ويندي. وزيراعظم شهباز شريف 7 مارچ 2024ع تي ??اڍا 7 ارب رپين جي سبسڊي سان رمضان رليف پئڪيج جو اعلان ڪيو هو. 3 ڪروڙ 96 لک ڪٽنبن کي رمضان المبارڪ دوران سستي ??گهه تي کاڌي پيتي ??ون شيون ??را??م ڪيون وينديون. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت اٽو، چانور، گيهه، کنڊ، شربت، کير مارڪيٽ ريٽ کان گهٽ قيمت تي ??را??م ڪيو وي??دو. رمضان پئڪيج تحت حقدار ماڻهن کي بازار کان 30 سيڪڙو گهٽ قيمت تي کاڌي پيتي ??ون شيون ??را??م ڪيون وينديون. اٽي تي في ڪلو 77 رپيا ۽ گيهه تي 100 رپيا في ڪلو سبسڊي ڏ??ي ويندي.