لاهور-08 فيبروري (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف چيو آهي ته ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ آهن ته هڪ پارٽي کي اڪثريت ملڻ ضروري آهي. خميس ڏينهن لاهور ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوام گهرن مان نڪري ۽ ووٽ ڪاسٽ ڪري. انشاءُ الله مهانگائي جو خ??تمو ٿيندو ۽ ماڻهو خوشحال زندگي گذاري سگهندا. اها ئي ماڻهن جي خواهش آهي ۽ ان خواب کي پورو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جي منشور ۾ سڀ شيون تفصيل سان لکيل آهن ته عوام جا حق سندن در تائين پهچايا ويندا. مريم نواز کي پنجاب جي وزيراعليٰ بڻائڻ جي سوال تي ليگي قائد چيو ته پارٽي لاءِ مريم نواز ۽ شهباز شريف جون وڏيون قر??ان??ون آهن، مريم جو نتيجي کانپوءِ فيصلو ٿيندو، ??هو پار??ي فيصلو ڪندي، بنا شڪ جي شهباز شريف ۽ مريم جون پارٽي لاءِ بي پناهه قر??ان??ون ۽ جدوجهد آهي.