اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تيز تر انصاف جي فراهمي ۾ محتسب جي ڪردار کي اجاگر ڪندي ان جي پهچ کي ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين وڌائڻ ۽ ان مقصد جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. صدر وفاقي محتسب جي آفيس جو دورو ڪي??. ان موقعي تي وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي صدر کي محتسب جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر کي ٻڌايو ويو ته محتسب سال 2023ع ۾ 193028 شڪايتن جو ازالو ڪي?? جڏهن ته متاثرين کي 4.898 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪي??. وفاقي محتسب 2023ع دوران رڪارڊ 194099 شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي، شڪايت تي ڪارروائي ۾ 18 سيڪڙو ج?? اضافو ٿيو، 2022ع جي ڀيٽ ۾ شڪايتن جي ازالي ۾ 22 سيڪڙ?? اضافو ٿيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته محتسب جي سفارشن تي 18 هزار اسٽريٽ چلڊرن جي اسلام آباد جي اسڪولن ۾ داخلا ٿي، محتسب جي 85.4 سيڪڙو فيصلن تي گذريل سال عملدرآمد ٿيو جڏهن ته ان شرح کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جون ڪوششون جاري آهن. ان کانسواءِ محتسب ۾ ٽيڪنالاج?? جي وڌيڪ استعمال سان ماڻهن جي پهچ ۾ اضافو ٿيو، 2023ع ۾ 48190 شڪايتون آن لائين رجسٽرڊ ٿيون جن ۾ 47 سيڪڙ?? اضافو ٿيو. 2023ع ۾ محتسب جي موبائيل ايپ تان 22321 شڪايتون مليون جيڪو 21 سيڪڙ?? اضافو ظاهر ڪري ٿو. وڌيڪ اهو ته سرڪاري ادارن جي خلاف ماڻهن جي شڪايتن جي ازال?? جي لاءِ کلي ڪچهريون منعقد ڪي??ن ويون ۽ محتسب جي ٽيمن دورا ڪيا. بريفنگ موجب تڪرارن جي غيررسمي حل جي ذريعي 2113 معاملن کي اڪلايو ويو، اوورسيز پاڪستانين جي سهولت ۽ شڪايتن جي حل لاءِ پڻ قدم کنيا ويا. محتسب پاران شر??ع ڪي?? آگاهي مهم سان محتسب تائين پهچ ۾ اضافو ٿيو آهي. اجلاس ۾ صدر تيز تر انصاف جي فراهمي ۾ محتسب جي ڪردار کي اجاگر ڪي??. هن چيو ته وفاقي محتسب گڊ گورننس کي فروغ ڏيڻ ۽ ماڻهن کي مفت ا??صاف فراهم ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته وقت سر انصاف جي فراهمي ۾ محتسب جي ڪردار بابت ماڻهن ۾ شعور وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي محتسب جي پهچ کي ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين وڌائڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان محتسب تائين ماڻهن جي پهچ بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو.