اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ تاجڪستان جي سف??ر عصمت الله نصرالدين الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عصمت الله نصرالدين جي پاڪستان تاجڪستان لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ ڪردار کي ساراهيو. نگرا?? وزيراعظم تاجڪ سف??ر مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته تاجڪستان مان ايندڙ سف??ر به اهڙي طرح ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. تاجڪ سف??ر عصمت الله نصرالدين پاڪستان تاجڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي پراڻو ۽ تاريخي قرار ڏنو. تاجڪ سف??ر پاڪستان ۾ پنهن??ي قيام کي يادگار ۽ پاڪستاني مهمان نوازي کي ساراهيو. تاجڪستان جي سف??ر نگرا?? وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن تي سندس ٿورا مڃيا.